SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


افسانو/مختصر ڪهاڻي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

افسانو/مختصر ڪهاڻي

(Short Story)

فارسيءَ ۾ ’فسانه‘ جو مطلب آهي دليان جوڙيل يا ڪوڙي ڳالهه. جڏھن اسان لفظ افسانو استعمال ڪندا اھيون، تھ ان مان اسان جو مقصد ”مختصر افسانو“ يا ”مختصر ڪھاڻي“ ھوندو اھي. اوڻهين صديءَ عيسوي ۾ افساني لکڻ جو رواج پئجي چڪو ھو ۽ ٿوري عرصي ۾ ھن صنف ايتري ته ترقي ڪئي، جو دنيا جي ادب تي ڇانئجي ويئي.”شاعريءَ وانگر افساني جي ڪا جامع ۽ مڪمل تعريف ناممڪن آھي. بنيادي طور افساني ۾ ڪو هڪ مکيه واقعو رکندڙ پلاٽ هوندو آهي ان کان پوءِ 20 صديءَ ۾ ان ۾ تبديلي ڪئي وئي. چيخوف ان کي عروج تي پهچايو. افسانو انساني مسئلن، جذبن، محبتن، نفرتن، خواھشن وغيره جو ترجمان ھوندو اھي. امريڪي افسانه نگار ايڊگرايل نپو (1809-1889ع) مطابق افسانو اھا ڪھاڻي اھي جا اڌ ڪلاڪ کان وٺي ٻن ڪلاڪن اندر پڙھي سگھجي.“ سر هيوز ڊبليو (1884 – 1941ع) مطابق ”مختصر افسانو مختصر ئي ھئڻ گھرجي، يعني واقعن ۽ حادثن جو مجموعو جنھن ۾ چرپر جي رفتار تيز ھجي. ارتقا غير متوقع ھجڻ ڪري ڪھاڻي ھڪ غير يقيني حالت مان گذرندي عروج تائين پھچي ۽ پڄاڻي تسلي بخش ٿئي.“ سنڌيءَ ۾ افساني جي شروعات 1914ع ۾ ٻن عالمن ڪئي. مرزا قليچ بيگ ”شريف بيگم“ لکي ۽ لعل چند امر ڏنومل ”حر مکيءَ جا“ لکيو. سنڌيءَ ۾ هن وقت افسانو، ڪهاڻيءَ جي نالي سان لکيو وڃي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جا مکيه افسانه نگار جمال ابڙو، غلام رباني، حميد سنڌي، آغا سليم، سراج، اياز قادري، امرجليل، خيرالنساءِ جعفري، نور الهديٰ شاهه ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن.


Remember Me Also:

گهولرو

ذ . ميڙ ، هجوم ، حشام ، گهولَر. ميڙو ، گڏ ، گوڙ. ڪريو گهولرا گهٽين ۾ ٿا توکي نور جيئن نچائين.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal